سانگ آف دي اسپرٽ

سانگ آف دي اسپرٽ

سانگ آف دي اسپرٽ

سانگ آف دي اسپرٽ (ڪتاب): هي ڪتاب ڀائي چئنراءِ ’ساميءَ‘ جي چونڊ سنڌي سلوڪن جي انگريزي نظم (Verse) ۾ ترجمي تي مشتمل آهي، جيڪو شانتي ايل. شاهاڻيءَ ڪيو آهي. ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ مڪمل نالو: Song of The Spirit (Selected Verses of Sami- A Mystic of Sindh) آهي. ڪـتـاب جـو مـهـاڳ (Foreword) سـاڌو ٽي. ايل واسواڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن Life of My Master-Sami عنوان هيٺ لکيو آهي ته: ”سامي منهنجو ستگرؤَ (سچو مرشد) آهي ۽ اُن ماڻهو جو ستگرؤَ آهي، جنهن هن کي پڙهيو ۽ سمجهيو آهي. هو مطلق هستيءَ ۽ حق جو ازلي ۽ ابدي استاد آهي، جنهن پنهنجي لافاني شاعري ڏني.“شانتي ايل شاهاڻيءَ، ’ساميءَ جي سلوڪن‘ کي‘Book of Nature’ سڏيو آهي.
هن ڪتاب ۾ ساميءَ جي زندگيءَ ۽ مقصد بيان ڪرڻ کانپوءِ سندس چونڊ اسلوڪن جو سرس ۽ سليس انگريزيءَ ۾ ترجمو ڏنو ويو آهي.
ڪرائون سائيز جي 124 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، 1947ع ۾ مدرلئنڊ پريس، ڪراچيءَ مان ورهاڱي کان اڳ ڇپجي پڌرو ٿيو هو، جنهن جي قيمت 3 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو